سپريم ڪورٽ، نواز ليگ جي صوبائي اميدوار سميت چئن ڄڻن جا قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن اماڻيندي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Supreme Coourt

سپريم ڪورٽ، نواز ليگ جي صوبائي اميدوار سميت چئن ڄڻن جا قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏانهن اماڻيندي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس انوير ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جوابدار طارق حاڪم طرفان ايڊووڪيٽ اعتزاز احسن پيش ٿيو، جنهن ڪيس بابت دليل ڏنا.

عدالت، نواز ليگ طرفان ايم پي اي لاءِ نامزد اميدوار محمد آصف اشرف سميت چئن ڄڻن جا قتل ڪيس ٽرائل ڪورٽ اماڻڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو.

سپريم ڪورٽ، ن ليگ ايم پي اي سميت چئن ڄڻن جا قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ڏانهن اماڻيندي معاملو جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي.

واضح رهي ته 2008ع واري عام چونڊن کان اڳ ڏينهن اڳ نواز ليگ ايم پي ايم لاءِ نامزد اميدوار محمد آصف اشرف کي قتل ڪيو ويو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*