سنڌ اسيمبلي ۾ متحده جي مخالفت باوجود سنڌ سيلز ٽيڪس آن سروسز ترميمي بل منظور ڪري ورتو

sindh-assembly11-12-15

سنڌ اسيمبلي  ۾ هندو ميريج بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيوويو، سيلز ٽيڪس آن سروسز ترميمي بل جي منظوري تي متحده ميمبرز سخت احتجاج ڪيو  آهي، مخالف ڌر اڳواڻ خواجا اظهار سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ڪرپشن کانسواءِ  عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي ۽ نئون ترميمي بل منظور ڪرائڻ جو مقصد شهرن مان وڌيڪ ٽيڪس اوڳاڙي ڪرڻ آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران تعليم ۽ پارلياماني معاملن وري نثار احمد کهڙي سيلز ٽيڪس آن سروسز ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن جي متحده ميمبرز سخت مخالفت ڪئي.

ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد چيو ته نئين ترميمي بل جو مقصد ڪرائيدارن تي ٽڪيس لاڳو ڪرڻ آهي، ناڻي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪوبه نئون ٽيڪس لاڳو نه پيو ڪيو وڃي، ترميم رڳو لفظن جيِ درستگي لاءِ ڪئي پئي وڃي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار الحسن چيوته 92 سيڪڙو ٽيڪس ڪراچي ۽ حيدرآباد مان وصول ڪيو وڃي ٿو.

خواجه اظهار سنڌ حڪومت کان سوال ڪندي چيو ته ٽيڪس وصولي جي مد ۾ حاصل ڪيل 900 ارب رپيا ڪٿي خرچ ڪيا ويا، سنڌ سرڪار ڪرپشن کانسواءِ ڪراچي توڙي لاڙڪاڻي کي ڪجهه به نه ڏنو آهي.

خواجه اظهار جي  جي تقرير دوران متحده ۽ پ پ ميمبرز وچ ۾سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي، جنهن کانپوءِ بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو.

ان کان اڳ هندو ميريج بل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، مخالف ڌر جي ميمبرز بل جي ڪجهه شقن تي اعتراض  واريا.

متحده جي پونجو مل ڀيل اجلاس دوران سرندي وارن هندن کان مطالبو ڪيو  ته هو اڄ نياڻن کي ملڪيت مان حق ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

اجلاس جي شروعات ۾ ٽنڊي ڄام ويجهو ريلوي ڦاٽڪ تي پيش آيل حادثي تي بحث دوران مخالف ڌر جي ميمبرز وفاقي سرڪار تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته 2012ع ۾ ريلوي ڦاٽڪ بابت ٺهراءُ منظور ڪيو ويو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي.

ايم ڪيو ايم جي ميمبرز  سوالن   جوابن جي وقفي دوران سنڌ صحت کاتي تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ نه دوائون نه وري ڊاڪٽرز آهن.

مخالف ڌر جي سوالن جا جواب ڏيندي صحت واري وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته اسپتالن ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي سهولتون بهتر آهن.

اسيمبلي   ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*