سڀاڻي ايڪنڪ جي اجلاس ۾ ايل اين جي معاهدي جي سخت مخالفت ڪندي سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهندس: سيد مراد علي شاهه

murad-ali-shah

سنڌ جي ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته 10 مهينا گذرڻ باوجود وزير اعظم گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ناهي گهرايو، جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي ۽ هو سڀاڻي ايڪنڪ جي اجلاس ۾ ايل اين جي معاهدي جي سخت  مخالفت ڪندي سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهندو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم جي سيد محمد حسين پاران  پيش ڪيل رٿ تي ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته وزير اعظم  گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نٿو گهرائي ۽ هاڻي سينيٽ جو چيئرمين به گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس کي وساري ويٺو آهي.

هن چيو ته وڏي وزير گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ لاءِ وزير اعظم کي هڪ درجن کان وڌيڪ خط لکيا آهن، پر اجلاس نٿو سڏايو وڃي.

هن چيو ته وفاق سي سي آءِ جو اجلاس نه گهرائي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ اهڙي ڀڃڪڙي تي غداري جو ڪيس ٺهندو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت گيس بحران جو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکيو آهي پر اجلاس نٿو سڏايو وڃي.

ناڻي واري وزير چيو ته سڀاڻي توانائي بابت ايڪنڪ جو اجلاس ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هو ايل اين جي معاهدي جي مخالفت ڪندي سنڌ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*