پنجاب اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ سميت سمورين اپوزيشن جماعتن جو اورينج لائين منصوبي خلاف سخت احتجاج ۽ گوڙ، حڪومت خلاف نعريبازي

punjab-assembly

پنجاب اسيمبلي ۾ اورينج لائين منصوبي ۽ وڏي وزير شهباز شريف جي نه اچڻ خلاف اپوزيشن پاران سخت احتجاج بعد اسپيڪر مخالف ڌر جي ميمبز جا مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيا، اپوزيشن ليڊر  محمود الرشيد چيو آهي ته استنبول جي ميئر جي اچڻ بعد سموري حڪومتي مشينري ان جي پٺيان لڳل آهي،  شهباز شريف ايوان ۾ اچڻ جي زحمت نٿو ڪري.

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راڻا محمد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر محمود الرشيد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته هو اورينج لائين منصوبي تي ڳالهائڻ چاهين ٿا، سمورن ميمبرز کي بحث جي اجازت ڏني وڃي.

اسپيڪر راڻا محمد اقبال چيو ته اپوزيشن ميمبرز کي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن تي اپوزيشن جي ميمبرز پنهنجي سيٽن تي بيهي احتجاج ڪيو ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي.

اپوزيشن ليڊر محمود الرشيد چيو ته پنجاب جو وڏو وزير شهباز شريف ايوان ۾ اچڻ جي زحمت نٿو ڪري پر هاڻي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله به اچڻ بند ڪري ڇڏيو آهي.

محمود الرشيد چيو ته استنبول جي ميئر جي اچڻ بعد سموري حڪومتي مشينري ان جي پٺيان لڳل آهي، شهباز شريف وڏو وزير آهي، کيس نٿو سونهين ته اهو هڪ ميئر جي ڪـَڍ لڳو پيو هجي،

اپوزيشن ليڊر جي جذباتي تقرير بعد اسپيڪر سمورن مخالف ڌر جي ميمبرز جا مائيڪ بند ڪرائي ڇڏيا.

 مخالف ڌر جي احتجاج پنجاب جو قانون وارو وزير راڻا ثناءُ الله ايوان ۾پهچي چيو ته احتجاج ۽ گوڙ لاءِ روڊ رستا گهڻا آهن، اسيمبلي ۾ اهڙي نموني جو احتجاج نه ڪيو وڃي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته اورينج لائين منصوبي تي بحث لاءِ جمعي جو ڏينهن مقرر ڪيو آهي، مخالف ڌر ان ڏينهن جيترو وڻي ڳالهائي سگهي ٿي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*