اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊاڪٽر عافيا صديقي جي بازيابي بابت سندس ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيا جي درخواست

Supreme Coourt

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ڊاڪٽر عافيه صديقي جي بازيابي بابت سندس ڀيڻ جي درخواست تي وزيراعظم هائوس، گهرو وزارت ۽ پرڏيهي کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي  هڪ هفتي اندر جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس نور الحق قريشي جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بينچ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي بازيابي بابت سندس ڀيڻ فوزيه صديقي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار جي وڪيل ساجد قريشي دليل ڏيندي چيو ته هي ڪيس ٽـَي سال پراڻو آهي، پر اڃا تائين ناهي اُڪلايو ويو، درخواست ۾ هنن 3 اپيلون ڪيون آهن.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي سان رابطو ڪرايو وڃي ۽ ان جي صحت بابت وارثن کي آگاهه ڪيو وڃي.

وڪيل ساجد قريشي چيو ته عافيه صديقي سان رابطي لاءِ سندس گهرڀاتي ٻن سالن کان فون ڪري رهيا آهن، پهريان اڃا تائين رابطو ناهي ڪرايو ويو، پهريان ڊاڪٽر عافيه صديقي کي قيد ڪيو ويو، هاڻي ان جي گهروارن کي ڌمڪايو پيو وڃي.

جسٽس نور الحق قريشي، درخواستگذار جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته هي ڪيس انتهائي حساس نوعيت جو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي دليل مڪمل ڪيا وڃن.

عدالت، وزيراعظم هائوس، گهرو وزارت ۽ پرڏيهي کاتي کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*