پنجاب جي علائقي شيخوپوره ۾ دهشتگردي ٽوڙ فورسز مقابلي بعد 7 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ

punjabpolice29-8

پنجاب جي علائقي شيخوپوره ۾ دهشتگردي ٽوڙ فورسز مقابلي بعد 7 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، سـِي ٽـِي ڊِي جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو بندش پيل تنظيمن سان آهي.

شيخوپوره جي علائقي شرقپور روڊ تي واقع هڪ گهر ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي سي ڊي ٽي ڇاپو هنيو، جنهن دوران گهر اندر موجود دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني ۽ دستي بمن سان به حملا ڪيا.

سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ان دوران چار دهشتگردن ٻن موٽرسائيڪلن تي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ناڪام بڻائيندي چئني دهشتگردن کي ماريو ويو.

 سي ٽي ڊي موجب، دهشتگردن جي 12 رڪني گروهه گهر ۾ پناهه ورتي هئي، جن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي، ان دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ جو سلسلو ٻن ڪلاڪن تائين جاري رهيو پر 5 دهشتگرد اونڌاهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا.

سي ڊي ٽي جو جوچوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو واسطو تحريڪ طالبان ۽ لشڪر جهنگوي سان آهي،  جيڪي لاهور ۽ شيخوپوره ۾ دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي ڪرڻ چاهين پيا، جن ۾ سڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ جو منصوبو به شامل هو.

دهشتگردي ٽوڙ فورسز جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان هڪ موٽرسائيڪل، ڌماڪيدار مواد، رائيلفلز ۽ ڪلاشنڪوف به هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته فرار ٿي ويل دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ناڪابندي ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*