سنڌ جي تعليم کاتي ۾ بايو ميٽرڪ تصديق لاءِ ڏنل وقت پورو ٿيڻ باوجود 10 هزار ملازم تصديق نه ڪرائي سگهيا

Biometric-System

سنڌ جي تعليم کاتي اندر ملازمن جي بايو ميٽرڪ رجسٽريشن لاءِ ڏنل وقت گذريل ڏينهن ختم ٿيڻ باوجود 10 ملازمن تصديق نه ڪرائي، تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته تصديق نه ڪرائيندڙ گهوسٽ ملازمن کي فارغ ڪيو ويندو.

سنڌ جي تعليم کاتي گهوسٽ ملازمن جي شڪايتن تي بايو ميٽرڪ سسٽم متعارف ڪرايو هو، جنهن ذريعي ملازمن کي رجسٽريشن ڪرائڻ لاءِ 16 فيبروري جي آخري تاريخ ڏني وئي هئي.

ملازمن کي بايو ميٽرڪ سسٽم ذريعي تصديق ڪرائڻ لاءِ ڏنل وقت گذريل ڏينهن ختم ٿيڻ باوجود ان ۾ واڌ نه ڪئي وئي، جنهن ڪري 10 هزار ملازم تصديق ڪرائڻ کان رهيل آهن.

تعليم کاتي جي اختيارين موجب بايو ميٽرڪ سسٽم ذريعي تصديق نه ڪرائيندڙ ملازم گهوسٽ آهن، جن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*