نيب ڪنهن کي بيلنس يا خوش ڪرڻ لاءِ پنجاب ۾ ڪارروائي ڪئي ته ان کي قبول نه ڪيو ويندو:راڻا ثناءُ الله

rana-sanaallah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته گذريل ستن سالن دوران پنجاب ۾ ڪا به ڪرپشن ناهي ٿي، نيب ڪنهن کي بيلنس يا خوش ڪرڻ لاءِ پنجاب ۾ ڪارروائي ڪئي ته ان کي قبول نه ڪيو ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته نيب پاران 90 ڏينهن تائين حراست ۾ رکڻ باوجود ڪي به نتيجا نه اچڻ مايوسي جي ڳالهه آهي.

هن چيو ته وزير اعظم نواز شريف خلاف ريفرنس بي بنياد آهن، ڪنهن کي خوش يا بيلنس ڪرڻ لاءِ نيب کي ڪارروائي جي اجازت نه ڏني ويندي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته ڪجهه ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنجاب ۾ ڪارروائي جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، نيب چيئرمين جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿو.

راڻا ثناءُ الله چيو ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي دور ۾ سمورا منصوبا شفاف آهن، ميٽرو بس کانپوءِ اورنج لائين ٽرين تي منصوبي تي گوڙ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته وزير اعظم نواز شريف جيڪو ڪجهه چيو ته ان کي مثبت انداز ۾ ڏٺو وڃي.

هن چيو ته ٻين صوبن ۾ ڪارروائي ٿي رهي آهي ته پنجاب ۾ ائين نه ٿيڻ ڏنو ويندو، جيڪڏهن وزير اعظم ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.

قانون واري وزير چيو ته نيب قانون موجب، ڪارروائي کان اڳ مناسب جاچ جو پابند آهي، پر هاڻ 90ڏينهن حراست ۾ رکڻ کانپوءِ چيو وڃي ته ڪجهه نه ملي سگهيو آهي، جيڪو عمل ڳڻتي جوڳو آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته شهباز شريف جي دور ۾ ڪرپشن جون غضب ڪهاڻيون ڇپبيون رهنديون آهن، ڪنهن حڪومتي منصوبي ۾ هڪ پارٽي جي ڪرپشن ناهي ڪندي.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته اڍائي سال گذرڻ باوجود وفاقي حڪومت جو ڪوبه اسڪينڊل سامهون ناهي آيو، ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنجاب ۾ ڪارروائي جي اجازت نه ڏني ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*