سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صادق حسين ڀٽي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو

sindh-IG-jamali

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صادق حسين ڀٽي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪيس جي ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد نئين بئنچ جوڙڻ لاءِ ڪيس جو فائيل ٻيهر چيف جسٽس سجاد علي شاهه ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، ذوالفقار مرزا جي پيشيءَ دوران نقاب پوش اهلڪارن گارڊن ۽ صحافين تي تشدد جو نشانو بڻايو هو.

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي سميت ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت واري ڪارروائي هلائيندڙ ڊويزن بئنچ جي جسٽس صادق حسين ڀٽي ٻڌڻي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد نئين بئنچ جوڙڻ لاءِ ڪيس جو فائيل چيف جسٽس سجاد علي شاهه ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي 19 مئي تي ڪراچي اي ٽِي سي ۽ 23 مئي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيشيءَ دوران نقاب پوش اهلڪارن گارڊن ۽ ميڊيا جي نمائندن کي تشدد جو نشانو بڻايو هو.

عدالتي حڪم نه مڃڻ تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي، ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو، ڊي آءِ جي اوڀر فيروز شاهه، ڊي آءِ جي ڏکڻ ڊاڪٽر جميل، فيصل بشير ميمڻ ۽ ايس ايس پي چوڌري اسد سميت ٻين پوليس آفيسرن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي هلندڙ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*