ٺل ويجهو نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

thul-mudar

ٺل ويجهو نوجوان جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان ڪوئيٽا مان هڪ ناري کي پسند جي پرڻي لاءِ وٺي آيو ته وارث سندن پيڇو ڪري نواجوان کي قتل ڪرڻ بعد ناري کي اغوا ڪري ويا آهن.

ٻچڙو واري علائقي مان نوجوان ڪريم بخش بروهي جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو، جيڪو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان کي تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي،  قتل بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ذريعن موجب نوجوان ڪوئيٽا مان هڪ ناري کي پسند جي پرڻي لاءِ وٺي آيو هو ته ناري جي وارثن سندن پيڇو ڪيو ۽ نوجوان کي قتل ڪرڻ کانپوءِ ناري کي اغوا ڪري ويا آهن………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*