افغانستان ۾ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ طالبان جي اهم ڪمانڊر سميت 11 دهشتگرد مارجي ويا
افغانستان ۾ ڊرون حملي جي نتيجي ۾ طالبان جي اهم ڪمانڊر سميت 11 دهشتگرد مارجي ويا آهن.
پاڪستان سان لڳندڙ افغانستان جي سرحدي علائقي ۾ آمريڪي ڊرون جهازن پاران طالبان جي شڪي ٺڪاڻن تي بمباري ڪئي وئي.
جاسوس جهازن جي حملي ۾ طالبان جي اهم ڪمانڊر سميت 11 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني دهشتگرد به شامل آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آمريڪي ڊرون حملي ۾ دهشتگردن جا ڪيترائي ٿاڪ پڻ تباهه ٿي ويا آهن.
آمريڪي ڊرون حملن کانپوءِ آسپاس جي علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي،حملن ۾ وڌيڪ ماڻهن جي مارجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.