سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي جو نالو ايگزڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

ayanalicourt22-8

سنڌ هاءِ ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي جو نالو ايگزڪٽ ڪنٽرول لسٽ مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

جسٽس احمد علي ايم شيخ جي سربراهي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪرڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران ماڊل ايان علي پنهنجي وڪيل لطيف کوسا سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي.

وڪيل سردار لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته ايان علي تي مني لارنڊنگ جو الزام بي بنياد آهي، ڪسٽم اختياريون ان حوالي سان ڪي به جوڳا ثبوت پيش ناهن ڪري سگهيون.

لطيف کوسا چيو ته ايف بي آر جي سفارش تي ايان علي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته ايان علي جو نالو اي سي ايل مان خارج ڪيو وڃي.

عدالت، لطيف کوسا جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*