پاڪستان سپر ليگ جي هڪ ميچ ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد لاهور قلندرز جي ٽيم کي ٻن وڪيٽس تان شڪست

PSL  Quetta

پاڪستان سپر ليگ جي هڪ ميچ ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد لاهور قلندرز جي ٽيم کي ٻن وڪيٽس تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽِيڊيم ۾ کيڏي ويل ميچ ۾ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

لاهور قلندرز جي ٽيم مقرره 20 اوورس ۾ 2 وڪيٽس جي نقصان تي 201رنز اسڪور ڪيون، جنهن ۾ اظهرعلي 61، ڪرس گيل 60رنز جي اننگ کيڏي آئوٽ ٿيا،جڏهن ته عمر اڪمل 55 ۽ڊيان براوو 20 رنز جي اننگ کيڏي ناٽ آئوٽ رهيا.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم پاران گرانٽ ايليٽ ۽ذوالفقار بابر هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽيم گهربل ٽارگيٽ هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد 20 هين اوور جي آخري بال تي 8 وڪيٽس جي نقصان تي پورو ڪري ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

ڪوئٽه گليڊي ايٽرز پاران بسم الله خان 5، سنگاڪارا37، ڪيون پيٽرسن34، سرفراز احمد 21، جڏهن ته محمد نبي 12 بالن تي 3 چوڪن ۽ٻن ڇڪن جي مدد سان 30 رنز جي اننگ کيڏي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

لاهور قلندرز پاران احسان عادل 4، ڊيان براوو 3، جڏهن ته ڪوپر هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بسم الله خان کي بهترين بيٽنگ جومظاهرو ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*