وزير اعظم نواز شريف جي نيب بابت بيان خلاف پنجاب کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ به ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو

sindh-assimbli

وزير اعظم نواز شريف جي نيب بابت بيان خلاف پنجاب کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ به ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو آهي، پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان چيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ساٿين جو گهيرو تنگ ڏسي اداري تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، نواز ليگ نيب، ايف آءِ اي ۽ رينجرز مٿان تنقيد ڪري آپريشن کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي.

تحريڪ انصاف جي خرم شير زمان سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نيب بابت بيان خلاف ٺهراءُ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جو نيبجي حُالي سان بيان اداري تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي.

هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي حامين جو گهيرو تنگ ڏسي نيب کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي، کيس اداري مٿان تنقيد بدران معاملو پارليامينٽ ۾ آڻڻ گهرجي ها.

سندس چوڻ هو ته وزيراعظم جو بيان احتساب تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش آهي، پ پ ۽ نواز ليگ نيب، ايف آءِ اي ۽ رينجرز مٿان تنقيد ڪري آپريشن کي تڪراري بڻائڻ چاهين ٿا.

خرم شير زمان چيو ته دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ معاشي دهشتگردن خلاف به آپريشن اڻٽر آهي، نيب مٿان تنقيد نواز شريف ۽ آصف زرداري جي ڳٺجوڙ آهي، جنهن بابت هــُو اڳ ئي آگاهه ڪري چڪا آهن.

پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو ته ٻين جي پــُڇ تي پير رکڻ جا شوقين پنهنجي پــُڇ تي پير اچڻ کان اڳ ئي دانهون ڪن پيا پر نوازليگ جي پــُڇ تي پير اچڻ وارو آهي.

ان کان اڳ اپوزيشن جماعتن پنجاب اسيمبلي ۾ پڻ ٺهراءُ جمع ڪرائيندي نواز شريف کان نيب بابت بيان ڏيڻ تي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته وزير اعظم جو نيب خلاف بيان غير آئيني ۽ ڌمڪي ڏيڻ برابر آهي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ آئيني اداري کي ڪم کان روڪڻ آهي.

اپوزيشن جماعتن ٺهراءُ ۾ مطالبو ڪيو آهي ته وزير اعظم نيب بابت پنهنجي بيان تي معافي وٺي ۽ مستقبل ۾ اهڙن بيانن کان پاسو ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*