اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ طريقيڪار خلاف اليڪشن ڪميشن، اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري

islamabad-highi-court

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ طريقيڪار خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن،  اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي.

جسٽس نور الحق قريشي ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اسلام آباد ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ طريقيڪار خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت چيف اليڪشن ڪمشنر سردار، سيڪريٽري، اٽارني جنرل ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا.

هاءِ ڪورٽ، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*