ڪراچي ۾ پوليس لاءِ خطرناڪ قرار ڏنل اولهه ضلعي ۾ موڪل کانپوءِ اهلڪارن جي وردي پهري گهمڻ يا ٿاڻي اندر داخل ٿيڻ تي پابندي

police

ڪراچي ۾ پوليس لاءِ خطرناڪ قرار ڏنل اولهه ضلعي ۾ موڪل کانپوءِ اهلڪارن جي وردي پهري گهمڻ يا ٿاڻي اندر داخل ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، پوليس موجب اهڙي پابندي سان ضلعي اندر اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ٻيون غير قانوني ڪارروايون گهٽ ٿينديون.

ڊي آءِ جي ويسٽ زون فيروز شاهه موجب سڄي ضلعي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ڊيوٽي بعد ٿاڻن ۾ داخل ٿيڻ ۽ پوليس وردي ۾ گهمڻ کان روڪيو ويو آهي.

پوليس موجب نئون حڪم نامو ضلعي جي سڀني پوليس ٿاڻن تي لاڳو ٿيندو، ڀڃڪڙي ڪندڙ اهلهڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

واضح رهي ته بلديا ٽآئون، سائيٽ، اورنگي ٽائون ۽ منگهي پير تي ٻڌل ضلعي ۾ پوليس جي سڀ کان وڌيڪ ٽارگيٽ ڪلنگ ٿي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*