سينٽرل جيل سکر ۾ رشوت نه ڏيڻ تي قدين تي وحشياڻو تشدد ڪيو وڃي ٿو

sukkur-jail

سکر جي سول ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل قيدي عدالت کي پنهنجا زخم ڏيکاريندي چيو سينٽرل جيل سکر ۾ رشوت نه ڏيڻ تي قدين تي وحشياڻو تشدد ڪيو وڃي ٿو، جنهن تي عدالت جيل سپريڊنٽ سميت تشدد ڪندڙ اهلڪارن کي سڀاڻي عدالت طلب ڪري ورتو آهي.

سينٽرل جيل سکر ۾ منشيات جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيل قيدي آصف عباسي سول ڪورٽ ۾ پيشي دوران عدالت کي پاڻ مٿان ٿيل وحشياڻي تشدد جا نشان ڏيکاريا.

قيدي جو چوڻ هو ته سينٽرل جيل ۾ ڪجهه اهلڪار قيدين کان رشوت طلب ڪندا آهن،  ۽ رشوت نه ڏيندڙ قيدين کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو.

قيدي جو چوڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته مونکان به اهلڪارن رشوت طلب ڪئي، جيڪا نه ڏيڻ تي پوليس وحشياڻو تشدد ڪندي سندس نڪ ۾ چوني جو پاڻ وڌو آهي.

عدالت قيدي جي اهڙي شڪايت  سينٽرل جيل سپريڊنٽ سميت تشدد جي الزام هيٺ آيل اهلڪارن کي سڀاڻي عدالت طلب ڪري ورتو آهي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*