مـــهمند ايجنسي خاصادار فورس جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو، 7 اهلڪار شهيد

muhmnd-agancy

مـــهمند ايجنسي جَي ڪنڊيالي چيڪ پوسٽ ۽ يــــڪا گنڊ ۾ دهشتگردن جي حملن جي نتيجي ۾ خاصه دار فورس جا 9 اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن.

ڪــــنڊيالي جي چوهاڻ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن حملو ڪري خاصه دار فورس جي اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني.

سڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ خاصه دار فورس جا ست اهلڪار شهد ٿي ويا، جڏهن ته چيڪ پوسٽ ڀرسان بيٺل گاڏي کي نقصان پهتو آهي.

حملي کانپوءِ سڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، پر ڪا گرفتاري عمل نه آئي.

درواز گئي واري علائقي ۾ دهشتگردن ٽيوب ويل جي سڪيورٽي لاءِ مقرر اهلڪارن تي ڳرن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.

حملي جي نتيجي ۾ خاصه دار فورس جا 2 اهلڪار ٿڏي تي شهيد ٿي ويا، جن جا مڙهه مقامي اسپتال پهچايا ويا آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*