وزيراعظم نواز شريف جي نيب بابت بيان خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل

Nawaz Sharif

وزيراعظم نواز شريف جي نيب بابت بيان خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو آهي ته نيب سياسي شخصيتن سميت هاءِ پروفائيل ڪيسز جي جاچ ڪري رهي آهي، وزيراعظم جو بيان احتساب بيورو کي ڪم کان روڪڻ جي برابر آهي.

تحريڪ انصاف جي لائيرز فورم جي اڳواڻ گوهر نواز سنڌو پاران وزيراعظم نواز شريف جي نيب بابت بيان خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ وفاق، قانون واري وزارت ۽ نيب کي ڌر بڻايو ويو.

درخوستگذار موقف اختيار ڪيو ته قومي احتساب بيورو سموري ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف سرگرم آهي،نيب سياسي شخصيتن سميت هاءِ پروفائيل ڪيسز جي جاچ ڪري رهيو آهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جو نيب خلاف بيان قومي احتساب بيورو جي ڪم ۾ مداخلت برابر آهي، وزير اعظم کي نيب خلاف بيان ڏيڻ کان روڪيو وڃي.

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم نواز شريف ڪارڪنن کي خطاب دوران چيو هو ته نيب سرڪاري آفيسن تي ڪارروائيون ڪري آفيسرن کي ڊيڄاري رهيو آهي.

وزير اعظم جي اهڙي بيان خلاف سنڌ ۽ پنجاب اسيمبليز ۾ مخالف ڌر پاران مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايا ويا آهن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*