ننگر پارڪر ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 205 ٿي ويو آهي

thar-child-died

ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، مٺي سول اسپتال ۽ ننگر پارڪر ۾ وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿيڻ کانپوءِ حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ وڌي 205 ٿي ويو آهي.

مٺي سول اسپتال 7 مهينن جو يعقوب پٽ رمضان نهڙي ۽ هڪ سال جي سانتا ڌيءَ پٽيل ڀيل بيماري جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وئي.

ننگرپارڪر جي ڳوٺ سومار جي ڍاڻي ۾ پورهيت علي اڪبر راهمو جو 3 ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ  ٿر ۾ 49 ڏينهن ۾ حياتيون وڃائيندڙ ٻارن  جو انگ وڌي 205 ٿي ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*