سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ايم اين اي شازيا مري جي گريجوئيشن واري ڊگري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

shazia-marri

سنڌ هاءِ ڪورٽ پ پ ايم اين اي شازيا مري جي گريجوئيشن واري ڊگري خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس سيد سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ بئنچ شازيا مري جي ڊگري خلاف عطا محمد چانهيو جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته شازيا مري پاران 2002ع چونڊن دوران مخصوص سيٽن لاءِ پيش ڪيل ڊگري شازيا مري جي نه پر لياري واسي ناري شازيا ڌيءَ عطا محمد جي آهي.

عدالت ڪراچي يونيوسٽي ۽ ٻين واسطيدار ڌرين جي رپورٽ بعد درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*