پشاور حملو انسانيت تي حملو آهي ڊي جي آءِ ايس پي آر عاصم باجوه

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو ميجر جنرل عاصم باجوه چيو آهي ته پشاور وارو حملو انسانيت تي حملو ۽ اسلامي تعليمات خلاف آهي.

آرمي پبلڪ اسڪول پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل عاصم باجوه چيو ته پشاور سانحو قومي الميو آهي ۽ اِهو داغ سڄي زندگي ڌوپي نه سگهندو.

ميجر جنرل عاصم باجوه چيو ته پشاور سانحي سبب ملڪي تاريخ جو اڄ ڪارو ڏينهن آهي.

هن چيو ته 7 دهشتگرد اسڪول جي پوئين پاسي کان ڏاڪڻ رکي اسڪول اندر داخل ٿيا ۽ انهن انڌا ڌُنڌ فائرنگ ڪري گلن جهڙن ٻارڙن کي رت ۾ وهنجاريو ۽ انهي هاڃي سبب ئي اڄ هو اتي بيٺو آهي، جتي شاگردن کي هجڻ گهرجي ها.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*