ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون

KARACHI-rangras07-9

ڪراچي  ۾ رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڏوهارين خلاف ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، رينجرز سپر هاءِ وي ويجهو جنجال ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن  شيري جناح ڪالوني ، لائينز ايريا ۽ گذري مان  6 منشيات فروشن سميت ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

رينجرز ترجمان موجب سپر هاءِ  وي ويجهو جنجال ڳوٺ ۾ ڪارروائي ڪري ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو  آهي.

رينجرز ترجمان موجب گرفتار دهشتگردن جو واسطو پابندي مڙهيل تنظيم  سان آهي.

رينجرز شيري جناح ڪالوني ، لائينز ايريا ۽ گذري  ۾ ڪارروائي ڪري  6 منشيات فروشن سميت ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو  آهي، جن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*