گڏيل عرب امارات جي شهر دبئي ۾ جاري پهرين پاڪستان سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو پهريون مرحلو مڪمل

psl

گڏيل عرب امارات جي شهر دبئي ۾ جاري پهرين پاڪستان سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي،جنهن ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيم لاهور قلندرز جي ٽيم کي شڪست ڏئي ميگا ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي.

دبئي ۾ جاري پهرين پاڪستان سپر ليگ ٽورنامنٽ جا دلچسپ ۽ سخت مقابلا جاري آهن، جنهن دوران تماشائين جو وڏو انگ ميچز کي ڏسڻ لاءِ گرائونڊز جو رخ ڪري رهيو آهي.

 پاڪستان سپر ليگ جو ايونٽ جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي.

پهرين مرحلي جي آخري ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيم لاهور قلندرز جي ٽيم کي 5وڪيٽس تان شڪست ڏئي ايونٽ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو.

پاڪستان سپر ليگ جي فائنل فور مرحلي لاءِ اسلام آباد يونائيٽڊ، ڪوئٽه گليڊي ايٽرز، ڪراچي ڪنگز ۽ پشاور زلمي ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

فائنل فور مرحلي جي پهرين ڪواليفائنگ ميچ جمع ڏينهن کيڏي ويندي، جنهن ۾ پشاور زلمي جي ٽيم ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي ٽِيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

ڇنچر ڏينهن ٻي ڪواليفائنگ رائونڊ جي ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽڊ جي ٽيم ڪراچي ڪنگز سان مقابلو ڪندي.

فائنل فور مرحلي بعد ٻه ٽيمون فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون ۽ فائنل 23 فيبروري تي دبئي ۾ کيڏي ويندي.

———

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*