وفاقي سرڪار، شڪي دهشتگردن جون رياستي سهولتون ختم ڪرڻ جو فيصلو

pm-nawaz

وفاقي سرڪار، شڪي دهشتگردن جون رياستي سهولتون ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان حڪومتن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

ذريعن موجب، حڪومت 8 هزار 300 شڪي ماڻهن خلاف ڪاررواين جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ نيڪٽا پاران هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب، نيڪٽا جي هدايتن کانپوءِ صوبن پاران ڊسٽرڪٽ انٽيلجنس ڪميٽيز کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن، جيڪي ضلعي سطحي تي فورٿ شيڊول ۾ شامل شڪي دهشتگردن جو جائز وٺنديون.

ذريعن جو وڌيڪ چيو آهي ته شڪي دهشتگردن جون رياستي سهولتون ختم ڪرڻ سان گڏ انهن جا سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ، هٿيارن ۽ ڊرائيونگ لائسنس رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اڪائونٽس پڻ منجمند ڪيا ويندا…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*