شڪارپور ۾ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 20 اهلڪارن خلاف قتل ڪيس داخل

shikarpur-map

شڪارپور  ۾  قتل جي جوابدار جي عيوضي  ۾  پوليس حراست ۾ فوت ٿيل شر برادري جي چڱي مڙس واحد  بخش شر جو قتل ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ  سندس وارثن جي  ڌرڻي کانپوءِ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 20 اهلڪارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي.

نيو فوجداري ٿاڻي جي پوليس پاران ناري کي ڪندڙ ڪندڙ جوابدار جي عيوضي ۾ گرفتار ڪيل واحد بخش شر پوليس حراست ۾ دول جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.

پيرسن جي وارثن لاش باءِ پاس تي رکي   ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس بنا جواز پيرسن کي گرفتار ڪري حراسا ڪيو آهي، جنهن ڪري هو دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ملوث اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو.

ايس اس پي شڪارپور معاملي جو نوٽيس وٺندي نيوفوجداري ۽ لکي در ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سميت 20 اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ هڪ ڪلاڪ کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*