ڪراچي ۾ لينڊڪروزر جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل 6 سالن جي نينگري مريم فوت ، مڇريل ماڻهن لينڊ ڪروزر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو

karachi-fire

ڪراچي ۾ راشد منهاس روڊ تي لينڊڪروزر جي ٽڪر ۾ نينگري فوت ٿي وئي، جڏهن ته مڇريل شهرين گاڏيءَ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڊرائيور کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.

     راشد منهاس روڊ تي لينڊ ڪروزر هڪ ٻارڙي ۽ ٻن موٽرسائيڪل سوارن کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ نينگري زخمي ٿيڻ بعد اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. حادثي واري موجود ماڻهن لينڊڪروز جو پيڇو ڪري ڊرائيور کي سوگهو ڪيو.

مڇريل شهرين ملينيم شاپنگ مال ويجهو مين روڊ تي لينڊڪروزر کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته شهرين ڊرائيور کي به ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪجهه ماڻهن کيس بچائي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*