ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ گلستان جوهر چائنا ڪٽنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪي ڊي اي آفيسر پاران فرار ٿيڻ جي ڪوشش

nab-farar

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ چائنا ڪٽنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪي ڊي اي عملدار ممتاز الحق فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته پوليس چُنون ماما سميت 7 جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

     ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ گلستان جوهر چائنا ڪٽنگ ڪيس جي ٻڌڻي دوران گرفتار ٿيل ڪي ڊي اي آفيسر ممتاز الحق فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي نيب عملدارن ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.

     عدالت چائنا ڪٽنگ ڪيس ۾ ماما چنون سميت 7 جوابدارن جا ٻيهر ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن،     جڏهن ته چائنا ڪٽنگ ڪيس ۾ ڪي ڊي اي جا 2 اڳوڻا ڊائريڪٽر عبدالقوي ۽ راشد حفيظ اڳ ئي گرفتار ٿيل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*