پنجاب اسيمبلي ۾ اورينج لائين ٽرين منصوبي تي اپوزيشن جو سخت احتجاج

punjab-assembly

پنجاب اسيمبلي ۾ اورينج لائين ٽرين منصوبي تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو، قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ۽ اپوزيشن ليڊر محمود الرشيد وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي.

پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راڻا محمد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

اجلاس دوران اروينج لائين ٽرين منصوبي تي مخالف ڌر سخت احتجاج ڪيو، جنهن دوران راڻا ثناءُ الله ۽ اپوزيشن ليڊر محمود الرشيد وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي.

محمود الرشيد چيو ته اربين رپيا قرض وٺي اورينج لائين منصوبي تي خرچ ڪيا پيا وڃن ۽ قومي ورثي کي تباهه ڪيو پيو وڃي، صوبائي وزير عوامي منصوبو جو ڍونگ رچائي ذاتي ملڪيتون ٺاهي رهيا آهن.

هن چيو ته صوبي ۾ مريضن جو برو حال آهي، غريب دربدر آهن، پنجاب 635 ارب رپين جو قرضي ٿي چڪو آهي.

راڻا ثناءُ الله چيو ته ميٽرو ٽرين تي بحث جو ڏينهن آهي، اپوزيشن ڪابه ٻي ڳالهه نه ڪري، جڏهن ته اپوزيشن جي سياست اورينج ٽرين لائين هيٺان اچي دفن ٿي ويندي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*