عوامي نيشنل پارٽي سينيٽ ۾ پشاور سانحي خلاف التويٰ واري رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

عوامي نيشنل پارٽي پاران سينيٽ ۾ پشاور سانحي خلاف التويٰ واري رٿ جمع ڪرائي وئي آهي.

سينيٽر زاهد خان پاران سينيٽ ۾ جمع ڪرايل التويٰ واري رٿ ۾ چيو ويو آهي ته اسان کي هاڻي سٺي طالبان ۽ خراب طالبان واري اصطلاح کي ختم ڪري متحد ٿيڻو پوندو.

مهملي رٿ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيڪي سياسي جماعتون دهشتگردي خلاف جنگ کي پنهنجو نه ٿيون سمجهن انهن کي به هاڻي فيصلو ڪرڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*