دولتپور ۾ النور شگر مل عملي کي يرغمال بڻائيندڙ هٿياربند پوليس جي اچڻ تي فرار ٿي ويا

دولتپور ۾ النور شگر مل عملي کي يرغمال بڻائيندڙ هٿياربند پوليس جي آڏو فرار ٿي ويا، مينئجر جو چوڻ آهي ته هٿيار بندن کي بااثرن جي سرپرستي حاصل آهي، جيڪي ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ آيا هئا.

دولپتور ۾ النور شگر مل تي 50 کان 60 هٿياربندن حملو ڪري آبادگارن ۽ عملي سميت سوين ماڻهن کي يرغمال بڻائي ورتو، ۽ شگر ملز جو مين گيٽ بند ڪري ڇڏيو.

اطلاع ملڻ بعد پوليس پهچي ملز کي  گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڳالهين بعد جوابدار پوليس جي سامهون فرار  ٿيڻ ۾ ڪابياب ٿي ويا.

ملز جي مئنيجر مرحد شاهه جو چوڻ آهي ته هٿيار  بندن کي بااثرن جي سرپرستي حاصل آهي، جيڪي ڀتو وصول ڪرڻ لاءِ آيا هئا.

هن وڌيڪ چيوته جوابدار هر سال ملز انتظاميه کان زبردستي ڀتو وصول ڪندا آهن، پوليس جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي، جنهنن سبب هنن خلاف ڪابه ڪارروائي نه پئي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*