آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي جاڳرتا ريلي سکر کان خيرپور پهچي وئي

jagrta-rali

آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي پاران ڪمون شهيد وٽان نڪتل جاڳرتا ريلي خيرپور پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، اڳواڻن پاران شهرين کي آدمشماري ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ، ٻولي ۽ قوميت وارن خانن ۾ سنڌي لکڻ بابت آگاهي ڏني وئي.

ڪمون شهيد کان  سيد جلال محمد شاهه، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ابرار قاضي جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ٺيڙهي باءِ پاس کان ٿيندي خيرپور پهتي، جتي مختلف قومپرست ۽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن شاندار استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي.

ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن شهرين ۽ واپارين سان ملاقاتون ڪري آدمشماري ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ، ٻولي جي خاني ۾ سنڌي ٻولي لکڻ ۽ قوميت جي خاني ۾ سنڌي لکڻ بابت آگاهي ڏني.

پنج گله چوڪ وٽ اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آدمشماري سنڌ جو جياپو آهي، پنجاب آدمشماري جي بنيادن تي ملڪي وسيلن جو تمام گهڻو فائدو وٺي رهيو آهي.

هنن چيو ته ماضي ۾ ٿيل آدشمارين ۾ سنڌي ماڻهن کي پوئتي ڌڪيو ويو پر هاڻي سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، آدمشماري ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺي پنهنجا حق حاصل ڪندا.

اڳواڻن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته سي سي آءِ جي اجلاس دوران آدمشماري جي ڏينهن ۾ واڌ وارو مطالبو ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*