بلوچستان جي علائقي قلعه عبدالله ۾ سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 4 هٿياربند مارجي ويا، مستونگ ۾ سرچ آپريشن دوران 4 جوابدار گرفتار

balochistan-force

بلوچستان جي  علائقي قلعه عبد الله ۾ سڪيورٽي فورسز سان مقابلي جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، مستونگ ۾ سرچ آپريشن دوران 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

سڪيورٽي ذريعن موجب قلعه عبدالله جي علائقي گلستان  ۾ دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي ته مقابلو ٿيو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز سان مقابلي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگرد ڪوئيٽا-چمن روڊ تي بم نصب ڪري رهيا هئا، اهڙي اطلاع تي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.

هوڏانهن مستونگ جي دشت واري علائقي ۾ ايف سي ۽ ليويز طرفان گڏيل سرچ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران شڪ جي بنياد تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*