لورالائي جي دڪي واري علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر زهريلي گئس ڀرجڻ بعد ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 پورهيت فوت

baloch-map

بلوچستان جي لورالائي واري علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ اندر کوٽائي دوران گئس ڀرجي وڃڻ ڪري 3 پورهيت ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا، انتظاميا موجب فوتي پورهيتن جو تعلق افغانستان سان آهي.

انتظاميا موجب لورالائي جي دُڪِي واري علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پورهيت ڪم ڪري رهيا هئا ته اوچتو کاڻ اندر گئس ڀرجي وئي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته کاڻ اندر ساهه ٻوساٽجڻ سبب 3 پورهيت فوت ٿي ويا، جن جا لاش ٻاهر ڪڍيا ويا.

انتظاميا موجب فوت ٿي ويل ٽئي پورهيت افغانستان جا رهواسي هئا، جيڪي ڪجهه وقت کان لورالائي واري علائقي ۾ ڪوئلي جي کاڻين ۾ پورهيو ڪندا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*