وزيراعظم نواز شريف جي منظوري بعد وفاقي بيورو ڪريسي ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون

nawaz-sharif-19-02-16

وزيراعظم نواز شريف جي منظوري بعد وفاقي بيورو ڪريسي ۾ اعليٰ سطحي مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون، ابوڪيف کي سيڪريٽري موسمياتي تبديلي، عابد جاويد سيڪريٽري فوڊ، شعيب صديقي کي گهرو، عبدالجبار کي قومي اسيمبلي ۽ عمران گرديزي کي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي چارج ڏني وئي.

وزيراعظم نواز شريف پاران اعليٰ سطحي مقررين ۽ بدلين جي منظوري کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ابوڪيف کي وفاقي سيڪريٽري موسمياتي تبديلي ۽ عابد جاويد کي سيڪريٽري فوڊ سڪيورٽي مقرر ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن تحت شعيب صديقي کي اسپيشل سيڪريٽري گهرو ۽ عبدالجبار کي قومي اسيمبلي ۽ عمران گرديزي کي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري جي چارج ڏني وئي آهي.

نوٽيفڪيشن موجب خالد محمود کي سيڪريٽري مواصلات، پير بخش جمالي کي سيڪريٽري محتسب، ڊاڪٽر شجاعت کي ناڻي واري وزارت جو خصوصي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*