آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي پوليس کي ڏوهن کي روڪڻ،جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ سميت سيڪيورٽي ۽ گشت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت

IG-sindh-jamali

آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي پوليس کي ڏوهن کي روڪڻ،جوابدارن کي فوري  طور گرفتار ڪرڻ سميت تعليمي ادارن، صنعتي علائقن، بئنڪن، ميڊيا هائوسز   ۽ اهم عمارتن جي سيڪيورٽي ۽ گشت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

سي پي او  ڪراچي  ۾ آءِ جي سنڌ   جي صدارت هيٺ امن امان بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن دوران آ ءِ جي سنڌ  ڏوهن کي روڪڻ ۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

آءِ جي سنڌ پوليس کي انٽيليجنس معلومات گڏ ڪرڻ  لاءِ  ايس ايڇ اوز، ايس ايس پيز ۽ ٻين عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته ڏوهن کي روڪڻ ۽ ملوث عناصرن  خلاف ڪارروائي لاءِ  حڪمت عملي جوڙي وڃي.

آءِ جي سنڌ هدايتون ڏنيون ته ٿاڻي ۽ زون سطح تي پئٽرولنگ لاءِ خصوصي دستا جوڙيا وڃن ، اسڪولن، صنعتن. بئنڪن ۽ ميڊيا هائوسز  جي سڪيورٽي  يقيني بڻائي وڃي.

آءِ جي سنڌ پوليس کي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جي هدايتن تي عمل ڪندي  گشت ۽ اوچتي چيڪنگ  سميت شهرين جو تحفظ  يقيني بنائڻ جا به حڪم ڏنا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*