آرمي چيف جنرل راحيل شريف سي پيڪ اسپيشل سڪيورٽي ڊويزن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

army-chif28-8

آرمي چيف جنرل راحيل شريف سي پيڪ اسپيشل سڪيورٽي ڊويزن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي اقتصادي راهداري منصوبي لاءِ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي، آرمي چيف چيو آهي ته راهداري منصوبي خلاف جاري مهم کان آگاهه آهيون، پاڪ فوج منصوبي خاطر هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف نئين جوڙيل سي پيڪ اسپيشل سڪيورٽي ڊويزن هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب ليفٽيننٽ جنرل ملڪ ظفر اقبال ۽ ميجر جنرل عابد رفيق آرمي چيف جو استقبال ڪيو، کيس نئين فورس جي قيام ۽ پاڪ-چين اقتصادي راهداري جي سڪيورٽي معاملن تي بريفنگ ڏني وئي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف اقتصادي راهداري منصوبي لاءِ سڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي چيو ته سي پيڪ منصوبي سان عوام جي زندگي بدلجي سگهي ٿي.

هن چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي بابت جاري مهم کان آگاهه آهيون، ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرامن ماحول جي ضرورت آهي.

آرمي چيف جنرل راحيل شريف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪ فوج راهداري منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هر قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*