قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏني وئي آهي ته آدمشماري مارچ ۾ فوج جي مدد سان شروع ڪئي ويندي

national-assembly06-11-15

قومي اسيمبلي کي آگاهي ڏني وئي آهي ته آدمشماري مارچ ۾ فوج جي مدد سان شروع ڪئي ويندي، آدمشماري لاءِ عملي کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، جيئن پوليو ٽيمن تي حملي جهڙا واقعا پيش نه اچي سگهن.

 پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري  راڻا افضل ايوان کي آگاهي ڏيندي چيو ته مارچ ۾ شروع ٿيندڙ آدمشماري 18 ڏينهن اندر مڪمل ڪئي ويندي.

هن چيو ته آدمشماري لاءِ ملڪ کي هڪ لک 66 هزار بلاڪس ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته صوبائي ڪمشنرز مقرر ڪرڻ سان گڏ ڊيٽا پروسيسنگ سينٽر به قائم ڪيا ويا آهن.

پارلياماني معاملن واري سيڪريٽري چيو ته آدمشماري جي عملي کي مڪمل سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي ته جيئن پوليو ٽيمن تي حملن جهڙا واقعا پيش نه اچي سگهن.

ايوان کي آگاهي ڏيندي هائوسنگ واري وزارت چيو ته ڪراچي ۾ 7 هزار 8 سئو 82 وفاقي سرڪاري گهر آهن، جن مان 3 هزار 3 سئو 50 گهرن تي قبضو آهي.

هائوسنگ واري وزارت چيو ته اسلام آباد ۾ هڪ سئو 72 سرڪاري گهرن تان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي.

صحت واري وزارت ايوان کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ سوائن فلو جا 5 سئو 99، پنجاب ۾ 2 سئو 91، ڪي پي ڪي ۾ 98 ۽ سنڌ ۾ 82 ڪيس رجسٽرڊ ٿيا آهن، جڏهن ته گلگت ۾ 19، آزاد ڪشمير ۾ 6 ۽ فاٽا ۾ 3 ڪيس سامهون آيا آهن.

صحت واري وزارت چيو ته گذريل ٽن سالن دوران سوائن فلو سبب 39 ڄڻا فوت ٿيا، هلندڙ سال مرض سبب فوتين جو انگ 33 تائين وڃي پهتو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*