سنڌ جو مستقبل آدمشماري سان سلهاڙيل آهي ۽ ٽن ڏينهن دوران آدمشماري ڪرائڻ واري ڳالهه مذاق برابر آهي

Sindh Assembly view

سنڌ سرڪار ملڪ ۾ آدمشماري ڪرائڻ واري معاملي تي وفاقي سرڪار کان ان ڪيمرا بريفنگ جو مطالبو ڪيو آهي، سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته ٽن ڏينهن دوران آدمشماري ڪرائڻ واري ڳالهه مذاق برابر آهي، سينسس ڪمشنر سنڌ جي چونڊيل نمائندن کي بريفنگ ڏئي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران سينيئر ۽ تعليم واري وزير نثار کهڙي آدمشماري ڪمشنر کان ان ڪئميرا بريفنگ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

هن چيو ته سنڌ جو مستقبل آدمشماري سان سلهاڙيل آهي ۽ ٽن ڏينهن دوران آدمشماري ڪرائڻ واري ڳالهه مذاق برابر آهي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ خواجه اظهار خيرپور ضلعي ۾ 90 سيڪڙو ٽيوب ويل ناڪارهه هئڻ بابت التوا واري رٿ پيش ڪئي، جيڪا رد ٿيڻ تي خواجه اظهار ۽ نثار کهڙي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ به ٿي.

فنڪشنل ليگ جي نند ڪمار گوڪلاڻي پاران سانگهڙ ضلعي جي روڊن جي خراب حالت بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس  تي ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ ۾ 6 روڊ تعمير ڪيا ويندا، جن جو ڪم هلندڙ سال جون کان شروع ٿيندو.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي شروعات ۾ ميمبرن ايوان ۾ ميمبرن جي حاضري يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسيمبلي ۾ لڳل بائيو ميٽرڪ سسٽم کي فعال بڻايو وڃي.

سيد سردار احمد غير حاضر ميمبرن جا الائونس ڪاٽڻ جي تجويز ڏني ، جڏهن ته مهتاب اڪبر راشدي چيو ته گوسڙو استادن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي پر هتي ته اسيمبلي ميمبرز گوسڙو لڳا پيا آهن.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي ايندڙ سومر تائين

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*