اسلام آباد جي عدالت، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست رد

parviz-mosharrif11-9

اسلام آباد جي عدالت، غازي عبدالرشيد قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 16 مارچ تي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج پرويز قادر، اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حاضري کان مستقل ڇوٽ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

پرويز مشرف جي وڪيل درخواست ۾موقف اختيار ڪيو هو ته ڊاڪٽرن پرويز مشرف کي سفر ڪرڻ کان روڪيو آهي، ان ڪري اهو عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي.

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته  پرويز مشرف کي حاضري کان مستقل ڇوٽ ڏني وڃي.

سرڪاري پراسڪيوٽر پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست جي مخالفت ڪئي هئي، جنهن بعد عدالت 13 فيبروي تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي پرويز مشرف جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

عدالت، پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به رد ڪري ڇڏي آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري 16 مارچ تي پيش ڪيو وڃي.

لال مسجد فائونڊيشن جي وڪيل طارق اسد جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻو پوندو، جيستائين مشرف پيش نٿو ٿئي، تيستائين گرفتاري وارنٽ برقرار رهندا.

پرويز مشرف جي وڪيل جو چوڻ آهي ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري فيصلي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو  ويندو………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*