رينجرز ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري گينگ وار سان واسطو رکندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ

Rangers_Raid_in_Karachi

رينجرز ڪراچي جي لياري واري علائقي ۾ ڪارروائي ڪري گينگ وار  سان واسطو رکندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، پوليس  ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن شهر جي  مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران ٻن ٽارگيٽ ڪلرز سميت 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب رينجرز ڪراچي جي لياري جي گل محمد لين ۾  ڪارروائي ڪري گينگ وار  سان واسطو رکندڙ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن، جن جو واسطو شيراز ڪامريڊ گروپ سان ٻڌايو پيو وڃي.

ذريعن موجب لياقت آباد جي علائقي اعظم نگر ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي ٻن مبينا ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪري ورتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل ٽارگيٽ ڪلرز جو تعلق سياسي جماعت سان آهي، جن  وٽان هٿياربه هٿ ڪيا ويا آهن.

ذريعن موجب ڊفينس جي خيابان مسلم ريسٽورينٽ تي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن ڇاپو هڻي هڪ شخص کي حراست ۾ ورتو، جن  پڇا ڳاڇا  لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گلستان جوهر جي پرفيوم چوڪ  ۽ عزيز آباد ۾ ڪارروائي ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

لاڳاپيل خبرون

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*