سانگهڙ ضلعي جي رهجي ويل ٻن يوسيز جي وارڊن تي جنرل ڪائونسلرن جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري

sangar-vote

سانگهڙ ضلعي جي رهجي ويل ٻن يوسيز جي وارڊن تي جنرل ڪائونسلرن جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، جنهن دوران پيپلزپارٽي ۽ فنڪشنل ليگ جا اميدوار آمهون سامهون آهن.

 سانگهڙ تعلقي جي يوسي ساڌاڻو ۽ سيٺار پير وارڊن جي 5 پولنگ اسٽيشنز تي جنرل ڪائونسلرز جي چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي، ان دوران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

يوسي سيٺار پير تي جنرل ڪائونسلر لاءِ پ پ جو رب ڏنو چانڊيو ۽ فنڪشنل ليگ جو عبدالستار شر، جڏهن ته يوسي ساڍاڻو تي پ پ جو پير بخش مري ۽ ف ليگ جو غلام علي راڄڙ  آمهون سامهون آهن.

واضح رهي ته سانگهڙ ضلعي ۾ مڪاني چونڊن دوران ٻنهي يوسيز تي جنرل ڪائونسلرز جا انتخابي نشان غلط هئڻ ڪري چونڊ ملتوي ڪئي وئي هئي………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*