مهمند ايجنسي جي علائقي پنڊيالي ۾ سڪيورٽي فورسز سرچ آپريشن دوران ڪالعدم تنظيمن جا پنج دهشتگرد مارجي ويا

Pakistan-security-forces

مهمند ايجنسي جي علائقي پنڊيالي ۾ سڪيورٽي فورسز  سرچ آپريشن دوران ڪالعدم تنظيمن جا پنج دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان ڌماڪيدار مادو ۽ مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.

پنڊيالي جي ڪڙپا واري علائقي ۾ سڪيورٽي فورسز سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران دهشتگردن فائرنگ ڪري ڏني.

سڪيورٽي فورسز جوابي ڪارروائي ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جا 5 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 3 فرار ٿي ويا آهن.

ســــيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ مختلف قسمن جا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

سڪيورٽي ذريعن موجب، ڪارروائي دوران مارجي ويل دهشتگرد خاصا دار فورس تي حملن سميت مختلف وارداتن ۾ملوث هئا.

واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ مهمند ايجنسي جي ڪڙپا واري علائقي ۾ دهشتگردن چيڪ پوسٽ تي حملو ڪري خاصا دار اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*