وزيراعظم نوازشريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 29 فيبروري تي طلب ڪري ورتو

nawaz-sharif

وزيراعظم نوازشريف گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 29 فيبروري تي طلب ڪري ورتو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اجلاس ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين بابت به ويچاريو ويندو.

گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت وزيراعظم نواز شريف ڪندو، جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير به شرڪت ڪندا.

اجلاس ۾ صوبن وچ ۾ اين ايف سي ايوارڊ، بجلي جي مد ۾ رهتن سميت اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته 29 فيبروري تي سڏايل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين وارو معاملو به غور هيٺ اچڻ جو امڪان آهي.

واضح رهي ته 18 مارچ 2015 کانپوءِ گڏيل قومن جو اجلاس پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*