ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ڪندڙ پاڪستان جي خاص ٽيم مارچ ۾ ڀارت جو دورو ڪندي

pathan-kot

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ڪندڙ پاڪستان جي خاص ٽيم مارچ ۾ ڀارت جو دورو ڪندي.

 ڀارتي ميڊيا جي رپورٽس موجب پاڪستان جي جاچ ٽيم اَي آءِ جي سي ٽي ڊي راءِ طاهر جي اڳواڻي ۾ مارچ مهيني ۾ ڀارت  جو دورو ڪندي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم ڀارتي اختيارين جي اجازت کانپوءِ پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس جو به دورو ڪندي.

وزيراعظم نوازشريف پٺاڻ ڪوٽ واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي هئي، جنهن جو ڪنوينر ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي پنجاب راءِ طاهر کي مقرر ڪيو ويو.

ان ئي ٽيم جي سفارش تي پٺاڻ ڪوٽ واقعي جو ڪيس پاڪستان ۾ به داخل ڪيو ويو آهي، گجرانوالا ۾ اڻڄاتل دهشتگردن خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ قتل، قتل جي ارادي ۽ دهشتگردي جا قلم لڳايا ويا آهن.

واضع رهي ته پٺاڻ ڪوٽ ايئربيس تي حملي ۾ ڀارتي فورسز جي ڪرنل سميت 7 اهلڪار مارجي ويا هئا ۽ 4 ڏينهن جي آپريشن دوران بيس تي حملو ڪندڙ چارئي هٿياربند مارجي ويا هئا….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*