پنجاب جي شهر خوشاب ۾ هڪ گهر تي وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ چئن ٻارن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 9 زخمي ٿي پيا

khushab-map

پنجاب جي شهر خوشاب ۾ هڪ گهر تي وڄ ڪرڻ جي نتيجي ۾ چئن ٻارن سميت 7 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن.

خوشاب شهر جي پراڻي چوڪ وٽ برسات دوران هڪ گهر تي وڄ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عمارت ڊهي پٽ پئجي وئي.

گهر ڪرڻ جي نتيجي ۾  چئن ٻارڙن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڄڻا فوت ۽ عورتن سوڌو 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

اطلاع تي امدادي ٽيمن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*