پهريان پڪڙيو ۽ پوءِ ڪارروائي ڪريو وارو طريقو غلط آهي:سيد خورشيد شاهه

Khursheed Shah

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پهريان پڪڙيو ۽ پوءِ ڪارروائي ڪريو وارو طريقو غلط آهي، نيب سميت ٻين ادارن جو طريقيڪار ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، پنجاب ۾ نيب جي ڪاررواين تي جذباتي ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، آدمشماري واري عمل مان بنگالين ۽ برمين سميت پرڏيهين کي ٻاهر رکيو وڃي.

سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو نيب جي پنجاب ۾ ڪاررواين تي حڪومت کي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به اداري کي سڄي ملڪ اندر ڪرپشن خلاف ڪاررواين کان نه روڪيو وڃي.

هن چيو ته وزيراعظم کي پارليامينٽ ۾ اچي وضاحت ڪرڻ گهرجي ته نيب بابت بيان جو ڪهڙو مقصد هو، پهريان گرفتار ڪريو ۽ پوءِ جاچ ڪريو وارو عمل غلط آهي، نيب سميت ٻين ادارن جي طريقيڪار کي ٺيڪ ڪرڻ گهرجي.

خورشيد شاهه چيو ته پٺاڻ ڪوٽ واقعي بابت پارليامينٽ کي بريفنگ ڏني وڃي ته ڀارت ڪهڙي بنياد تي پاڪستان مٿان الزام لڳائي رهيو آهي.

نيب چيئرمين پاران وزيراعظم سان ملڻ کان انڪار بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته انهيءَ معاملي بابت کيس ڄاڻ نه آهي.

هن چيو ته آدمشماري واري معاملي تي واضح پاليسي هئڻ گهرجي، ملڪ اندر موجود افغانين، بنگالين ۽ ٻين قوميت جي ماڻهن کي ڳڻپ کان ٻاهر رکيو وڃي.

اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته قطر سان ايل اين جي معاهدي بابت اعتماد ۾ نه ورتو ويو، جنهن تي کين اعتراض آهن، جڏهن ته عالمي منڊي ۾ تيل جي گهٽجندڙ قيمتن جو عوام کي به ثمر ملڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*