ڪراچي ويجهو سمنڊ ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ڪارروائي ڪري 88 ڀارتي مهاڻن کي گرفتار ورتو

navy

ڪراچي ويجهو سمنڊ ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي  ڪارروائي  ڪري 88 ڀارتي مهاڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 16 لانچون  هٿ ڪيون آهن.

ذريعن موجب ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ڪراچي ويجهو سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 88 ڀارتي مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب گرفتار مهاڻن کي ڪراچي جي ڊاڪس ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن قبضي مان 16 لانچون به هٿ آيون آهن.

سامونڊن حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ٻنهي ملڪن جي ميري ٽائيم ايجنسيز پاران گرفتار ڪيل  وڏي انگ ۾ مهاڻا جيلن ۾ قيد آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*