آسٽريليا ۾ ريلوي ٽريڪ پار ڪندڙ شخص ٽرين جي ٽڪر کان ذري گهٽ بچي ويو

austila

آسٽريليا ۾ ريلوي ٽريڪ پار ڪندڙ شخص ٽرين جي ٽڪر کان ذري گهٽ بچي ويو، ڄاڻيل شخص آخري گهڙي ۾ پٽڙي تان لهڻ ۾ ڪامياب ٿيو.

آسٽريلوي شهر ميلبرن جي اسٽيشن تي هڪ شخص ريلوي ٽريڪ پارڪ ڪري رهيو هو، هڪ پٽڙي تي بيٺل ٽرين کي ڪراس ڪرڻ بعد جيئن ئي هو پليٽ فارم تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته اوچتو ان ئي پٽڙي تي ٽرين اچي وئي.

ٽرين اوچتو پنهنجي مٿان چڙهندي ڏسي همراهه پليٽ فارم تي چڙهڻ بدران پوئتي موٽيو ۽ هڪ لمحي جي فرق سان ٽرين جي ٽڪر کان بچي ويو.

 مسافر جي ٽرين جي ٽڪر کان بچڻ وارو واقعو 9 فيبروري تي پيش  آيو هو، جنهن جا سي سي ٽي وي فٽيج جاري ڪندي عوام کي اهڙي خطرناڪ عمل کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

انگن اکرن موجب آسٽريليا ۾ گذريل سال ماڻهن جي ٽرين جي ٽڪر کان ذري گهٽ بچڻ جا 455 ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جيڪا خطرناڪ صورتحال قرار ڏني پئي وڃي ۽ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ريلوي ٽريڪ جي ڀرپاسي رهندڙ يا اتان گذرندڙ ماڻهو احتياط کان ڪم وٺن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*