ڪاميڊي فلم “دي بــِگ ليبوسڪي” ۾ ڏيکاريل پرآسائش گهر کي ان جي مالڪ لاس اينجلس جي ڪائونٽي ميوزيم کي عطيو ڪرڻ جو فيصلو

hause

1998ع ۾ ڪاميڊي فلم “دي بــِگ ليبوسڪي” ۾ ڏيکاريل پرآسائش گهر کي ان جي مالڪ لاس اينجلس جي ڪائونٽي ميوزيم کي عطيو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

لاس اينجلس جي جبلن تي ٺاهيل شــِيٽس گولڊ اسٽين گهر جي مالڪ جيمز گولڊ اسٽين جو چوڻ هو ته هو پنهنجو هي منفرد گهر،  ان جا باغيچا ۽ ان ۾ موجود آرٽ ۽ فيشن جي ڪليڪشن ڪائونٽي ميوزيم حوالي ڪندو ۽ هو گهر خالي ڪندو ته جيئن ان کي عوام لاءِ کوليو وڃي.

جيمز گولڊ اسٽين جو چوڻ هو ته سندس گهر ميوزيم کي عطيو ڪرڻ جو مقصد ماڻهن کي ماضي ۾ مستقبل اندر جهاتي پائڻ جو موقعو ڏيڻ ۽ منجهن آرڪيٽيڪچرل گهر تعمير ڪرڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿيندو.

جميز گولڊ اسٽين جو چوڻ هو ته سندس گهر  جي سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ ڳالهه اها آهي ته دروازي کان اندر ايندي سوڙهي گهٽي کي پار ڪندي ئي توهان کي لاس اينجلس جو سڄو منظر نظر اچي ٿو ۽ سڀني کي ايئن لڳندو ته هي گهر سمنڊ، آسمان ۽ پيسيفڪ اوشين جي ڪناري جو ميلاپ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*